news
ڪراچي

ايپيڪس ڪميٽي اجلاس، سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ سيڪيورٽي حوالي سان سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

ڪراچي: (خميس 29 جولاءِ 2021ع) سنڌ حڪومت صوبي ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت 26هين ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرز، آءِ جي سنڌ سوڌو اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ امن امان بابت وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ ڪجهه قبائلي جرڳا ٿيا آهن جنهن ۾ ڪافي مانهو قتل ٿي چڪا آهن. سبزوئي، چاچڙ، تڪرار ۾ 12 ماڻهو قتل ٿيا. تيغاڻي، بجاراڻي تڪرار ۾ 28 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.

آءِ جي اجلاس کي ڪچي واري آپريشن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2021 ۾ گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ 89 انڪائونٽر، سکر 75، ڪشمور 73 ۽ شڪارپور ۾ 68 انڪائونٽر ڪيا ويا. گهوٽڪي ۾ 3 گينگس، سکر ۾ 6، ڪشمور ۾ 25 ۽ شڪارپور ۾ 15 گينگز جو خاتمو ڪيو ويو. سکر ۾ 9 ڏوهاري ماريا ويا. گهوٽڪي مان 2 مغوي بازياب، سکر مان 2، ڪشمور مان 39 ۽ شڪارپور مان 40 بازياب ڪيا ويا. وڏي وزير اجلاس ۾ پوليس کي هدايت ڪئي ته هٿيارن جي سپلائي ختم ڪئي وڃي. ڌاڙيلن ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن وچ ۾ وڌندڙ رابطن تي نظر رکي وڃي ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڏي وزير سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ روڊ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ ۽ گهوٽڪي، ڪشمور برج مان نڪرندڙ ٻيا روڊ به ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. اجلاس ۾ افغان صورتحال سبب صوبي ۾ سيڪيورٽي جا سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ وڏي وزير سنڌ جي ادارن سمورين پابندي مڙهيل تنظيمن مٿان نظر رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن، مذهبي ۽ ٻين شرپسند عناصرن تي نظر رکڻ جو اعلان ڪندي وڏي وزير سوشل ميڊيا تي چڙ ڏياريندڙ مواد ۽ ٻئي شڪي ايڪٽيويز تي نظر رکڻ جي هدايت جاري ڪئي ۽ چيو ته ڪجهه عناصر فرقيوارانه نفرتن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. مان ڪجهه عالمن سان اجلاس ڪندس. اسان کي پنهنجي صفن ۾ محبت، ڀائيچارو ۽ اتحاد قائم ڪرڻو آهي.

وڏي وزير سنڌ جي سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پاڻ ۾ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ پڪو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نجي سيڪيورٽي گارڊز جي رجسٽريشن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي گارڊز جي رجسٽريشن تي ڪم جاري آهي. وڏي وزير چيو ته غير رجسٽريشن گاڏين تي هٿياربند گارڊز ويٺل نظر ايندا آهن. هٿيارن جي نمائش تي اسان پهرين کان پابندي لاڳو ڪئي آهي. اهڙي قسم جي گاڏين کي بند ڪيو وڃي. اهڙي قسم جي هٿيارن جي نمائش قبول نه ڪئي ويندي. غير رجسٽرڊ يا ايف آءِ آر ۾ شامل گاڏين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڏي وزير موبائل فون جي چوري جا پارٽس خريد ۽ وڪرو ڪندڙ مارڪيٽن ۽ ماڻهن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪندي آءِ کي چيو ته مون کي هر صورت ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ڪنٽرول گهرجي پوليس کي سخت قدم  کڻڻا پوندا. ڪجهه عنصر فرقيواريت کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.