جنسي زيادتي تي وزيراعظم جو بيان، ماهره خان جو رد عمل سامهون اچي ويو

news

لاهور: (خميس 29 جولاءِ 2021ع) مشهور پاڪستاني اداڪاره ماهره خان وزيراعظم عمران خان جي جنسي زيادتي بابت ڏنل بيان تي رد عمل ڏيندي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ خوبصورت اداڪاره چيو ته جنسي زيادتي بابت وزيراعظم جو بيان(زوردار ۽ زبردست) آهي هن پنهنجي ٽوئٽ ۾ هٿ جي ايموجيزٽيگ ڪري وزيراعظم  جو ٿورو ادا ڪيو آهي.

ياد رهي ته وزيراعظم جي تازي بيان تي پاڪستان ۾ هزارين ماڻهن سوشل ميڊيا تي ان جي تعريف ڪئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي خابرو اداري سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو هو ته عورتن سان زيادتي ڪندڙ ڏوهه جو پاڻ اڪيلو ئي ذميوار آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو هو ته جنسي زيادتي بابت منهنجو اڳوڻو بيان ڄاڻي واڻي غلط ورتو ويو هو جيڪو شخص زيادتي ڪندو آهي اهوئي ڏوهاري هوندو آهي. منهنجي اڳوڻي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.