news
واشنگٽن

ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ باوجود موذي وائرس ڊيلٽا پکڙجڻ جو انڪشاف

واشنگٽن: (خميس 29 جولاءِ 2021ع) آمريڪي اداري سينٽر فارڊيزيز ڪنٽرول(سي ڊي سي) چيو آهي ته ويڪسين لڳرائڻ جي باوجود ڊيلٽا ڪورونا وائرس انسان کي متاثر ڪري سگهي ٿو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سي ڊي سي آگاهي ڏيندي عوام کي چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائڻ جي باوجود فيس ماسڪ ضرور استعمال ڪن. هن چيو ته ڊيلٽا ڪورونا وائرس کان بچاءُ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ انڊور فيس ماسڪ پائڻ ضروري آهي.

واضح رهي ته هاڻ  سموري دنيا ۾ ڊيلٽا ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جنهن جي شروعات ڀارت کان ٿي آهي. سموري دنيا ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس مان متاثر ماڻهن جو انگ 19 ڪروڙ 67 لک 12 هزار کان مٿي ٿي چڪو آهي. جڏهن ته فوتين جو انگ 42 لک 3 هزار کان وڌيڪ آهي.