نيويارڪ: ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ شهرين کي هڪ سئو ڊالر ڏيڻ جو اعلان

news

نيويارڪ: (خميس 29 جولاءِ 2021ع) ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ شهرين کي 100 ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. نيويارڪ جي ميئر بل ڊي بليسو ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي  حڪومتي منصوبي جي تحت عوام کي ويڪسين لڳرائڻ جي لاءِ ان انعام جي آڇ ڪئي آهي.

نيوز بريفنگ دوران هن چيو ته ڪورونا جي خلاف ويڪسينيشن سڀني کان اهم آهي ۽ جيڪڏهن اسان ويڪسينيشن تي نٿا ڳالهايون ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسان ان جي حل تي نٿا ڳالهائي سگهون. بل ڊي بليسو وڌيڪ چيو ته ويڪسين اوهان ۽ اوهان جي گهر ڀاتين جي زنده رهڻ جي لاءِ ضروري آهي.

ان  اعلان جو وڏو سبب آمريڪا ۾ ڊيلٽا ويريننٽ جي ڪيسز جو رپورٽ ٿيڻ آهي. ميئر واعدو ڪيو آهي ته هن  جمعي کان جيڪو به شهري ڪنهن به ويڪسينيشن سينٽر تان ويڪسين جي پهرين خوراڪ لڳرائيندو ان کي پري پيڊ ڊيبٽ ڪارڊ جي شڪل ۾ فوري ادائيگي ڪئي ويندي.