نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو سيڪيورٽي وفد ايندڙ مهيني پاڪستان پهچندو

news

لاهور: (خميس 29 جولاءِ 2021ع) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو سيڪيورٽي وفد ايندڙ مهيني پاڪستان ايندو. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو سيڪيورٽي وفد ايندڙ مهيني پاڪستان ايندو جنهن جي رپورٽ جي روشني ۾ پاڪستان جي دوري جي تصديق ممڪن ٿي سگهندي.

ذريعن موجب نيوزليينڊ جي بورڊ سيڪيورٽي معاملن جي ماهر رگ ڊيڪاسن جون خدمتون حاصل ڪيون آهن جيڪو ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ انتظامن جو جائزو وٺندو. سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ اها سيريز شيڊول آهي.