بدين: راڄو خاناڻي لڳ ڳوٺ بخشو نظاماڻي جي واسڻ جو ماسترياڻي خلاف احتجاج

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) راڄو خاناڻي ڀرسان ڳوٺ بخشو نظاماڻي جي رهواسڻ مسمات ڪنول عرف زاهده نظاماڻي بدين پهچي صحافين اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته هن جي ڌيءَ ڪائنات جيڪا انٽر جي شاگردياڻي آهي، ماسترياڻي سرتاج ٻٻر ۽ مولوي خليل نظاماڻي وارا ورغلائي پاڻ وٽ رهائڻ بعد فون تي دبئي جي هڪ شيخ سان رابطو ڪرائي ان کي ڌيءَ وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا.

هن الزام هنيو ماسترياڻي سرتاج ٻٻر ۽ مولوي خليل عرب شيخ کان 5 لک رپيا ۽ پلاٽ ورتا آهن، جنهن بعد منهنجي ڌيءَ کي دبئي جي شيخ حوالي ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.

هن مطالبو ڪيو ته منهنجي ڌيءَ کي عرب شيخ کي وڪرو ڪندڙ ماسترياڻي ۽ مولوي خليل خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.