news
ڪراچي

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس اجلاس: سنڌ ۾ سڀاڻي کان اٺين آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي: (جمعو 30 جولاءِ 2021ع) سنڌ حڪومت ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي سموري صوبي ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، طبي ماهرن ۽ پي ايم اي جي نمائندن شرڪت ڪئي. وڏي وزير اجلاس ۾ چيو ته ڪورونا جي صورتحال تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهيان ٿو.

مان چاهيان ٿو ته اسان سڀ هن وبا جي خلاف هڪ ٿيون. اجلاس ۾ سڀاڻي کان 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪندي سموريون مارڪيٽون بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۾ سڀاڻي کان 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪندي چيو ويو ته سموريون مارڪيٽون بند رهنديون ۽ ايندڙ هفتي کان سرڪاري آفيسون به بند ڪنداسين.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪو روڊ تي ايندو ان جو ويڪسينيشن ڪارڊ چيڪ ڪيو ويندو ۽ انٽر سٽي ٽرانسپورٽ به بند رهندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 31 آگسٽ کان پوءِ جيڪو ويڪسين نه لڳرائيندو ان جي پگهار بند ڪنداسين پر ايڪسپورٽ انڊسٽري ۽ فارميسي کليل رهندي. واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر تيزي سان پکڙجي رهي آهي. 24 ڪلاڪن دوران 86 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 7.79 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي.