news
شهدادپور

شھدادپور: تيز رفتار ڪيري ۽ موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ ھالا روڊ تي سولنگي آباد وٽ تيز رفتار ڪيري ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمھون سامھون خطرناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنھن سبب ڳوٺ کان شھر ڏانھن موٽرسائيڪل تي ايندڙ ڳوٺ بخشو نظاماڻي جا رھواسي ٻه ڀائر جن مان ھڪ ننڍو ڀاءُ نوجوان اسلم رند ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو ۽ وڏو ڀاءُ ڄام تماچي رند زخمي ٿي پيو.

جڏهن ته فوتي نوجوان جي لاش ۽ زخمي  کي سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو.

شھدادپور پوليس ڪيري کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور حسين بخش ڪوري کي گرفتار ڪري ورتو آھي.