سنڌ حڪومت ڪورونا جي نالي تي واپارين مٿان بم ڪيرايو آهي: ڪراچي جا واپاري

news

ڪراچي: (ڇنڇر 31 جولاءِ 2021ع) واپاري ايڪشن ڪميٽي سنڌ حڪومت پاران لڳايل لاڪ ڊائون تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ڪراچي جي واپاري ايڪشن ڪميٽي سنڌ حڪومت پاران لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ ڪميٽي جي  اڳواڻن  محمد رضوان، رئوف ابراهيم، شرجيل گوپلاني  جميل پراچه ۽ ٻين واپارين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اندروني سنڌ مان مريضن کي ڪراچي آڻي ٽيسٽون ڪرايون پيون وڃن ۽ انهن جو ملبو ڪراچي جي واپارين تي ڪيرايو پيو وڃي.

هنن چيو ته  جيڪڏهن ڪاروبار بند ڪيو ٿو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ واپارين کي رليف ته ڏنو وڃي. گذريل ڪورونا جي لهر دوران به اعلانيل ٽيڪس به معاف نه ڪيا ويا. ڪراچي جي معيشت کي برباد ڪيو پيو وڃي.  سنڌ حڪومت سومر کان ٻيهر ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪري. ٻئي صورت ۾ پاڻمرادو ڪاروبار کوليو ويندو. سنڌ به پاڪستان جو حصو آهي. ٻين صوبن ۾ سمورو ڪاروبار کليل آهي صرف سنڌ ۾ ڪاروبار بند ڪري سنڌ حڪومت ڪورونا جي نالي تي واپارين مٿان بم ڪيرايو آهي.

اسان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد کي اپيل ڪريون ٿا ته هو غير منصفاڻي لاڪ ڊائون جي خلاف سوموٽو ايڪشن وٺي. لاڪ ڊائون کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. لاڪ ڊائون لڳائڻ سان واپارين جا مسئلا وڌي ويا آهن. واپارين وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي آفت سٽيل قرار ڏئي ٽيڪس معاف ڪرڻ جو واعدو به پورو نه ڪيو ويو. جيڪڏهن مارڪيٽون کولڻ سان ڪورونا ڪيسز وڌي رهيا آهن ته ڇا سياسي جلسن ۽  جلوسن سان ڪورونا ڪيس نه پيا وڌن.

ماهرين چئي رهيا آهن ته سنڌ ۾ ڪورونا ٽيسٽ جا گهربل نتيجا نه ملي رهيا آهن.اڳ ۾ لڳايل لاڪ ڊائون سبب 15 سيڪڙو واپاري بينڪ جا قرضي ٿي ويا آهن. 32 سيڪڙو واپارين پنهنجون ملڪيتون کپائي قرض لاٿو. پهريان 50 سيڪڙو اسٽاف کي نوڪرين تان جواب ڏنو ويو هاڻي وڌيڪ 20 سيڪڙو ملازمن کي نوڪرين مان جواب ڏنو ويندو. اسان کان بندوق جي زور تي ٽيڪس ورتو پيو وڃي. ڪاروبار کي ايس او پيز تحت کولڻ جي اجازت ڏني وڃي.