سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٻيلهه سواري تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي

news

ڪراچي: (ڇنڇر 31 جولاءِ 2021ع) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٻيلهه سواري تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.

پوليس موجب سنڌ حڪومت طرفان ٻيلهه سواري تي  لڳل پابندي جي خاتمي جا حڪم جاري ٿيڻ کان پوءِ پابندي ختم ڪئي وئي آهي. پوليس چيو آهي ته شهر ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي  لڳايل پابندي ختم ڪرڻ تي فوري طور تي عمل ڪرڻو پوندو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عوام کي ويڪسينيشن جي لاءِ وڃڻ جي خاطر سهوليت ڏيڻ جي لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي کي ختم ڪيو  ويو آهي.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت گذريل ڏينهن لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو هو جنهن کان پوءِ ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي.