news
ڪراچي

ڪراچي ۾ گهر گهر وڃي شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو اعلان

ڪراچي: (سومر: 02 آگسٽ 2021ع) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ گهر گهر وڃي شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

موبائل ويڪسينيشن وين جو افتتاح ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته سڀاڻي کان ڪراچي جي هڪ ضلعي ۾ موبائل ويڪسينيشن شروع ڪري ڇڏينداسين. ڪوشش آهي ته سمورن ضلعن ۾ موبائل ويڪسينيشن شروع ڪريون.

بيرسٽر مرتضيٰ وهاب اهو به چيو ته موبائل ويڪسينيشن سان شهرين کي وڌيڪ آساني ٿيندي. سنڌ حڪومت جي ترجمان ڪراچي جي شهرين جو ٿورو ادا ڪندي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙن جي انگ ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ پهرين آگسٽ کان سنڌ ۾ 2 لک 11 هزار ماڻهن جي ويڪسينيشن ڪرائي ويندي.

واضح رهي ته پنجاب جي 5 ضلعن ۾ به شهرين کي گهر گهر وڃي ڪورونا ويڪسينيشن جو سلسلو جاري آهي.