news-details
ڪراچي

حڪومت ٻيهر پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ پيٽرول بم جو سهارو ورتو آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: (سومر: 02 آگسٽ 2021ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ تي وفاقي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي د ڪندي چيو ته حڪومت ٻيهر پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ پيٽرول بم جو سهارو ورتو. پاڪستان وڌيڪ مهانگائي جو وزن برداشت نٿو ڪري سگهي.

بلاول چيو ته وزيراعظم صرف ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ سياسي انتقام کان علاوه ٻيو ڪجهه به نٿو ڄاڻي. سليڪٽڊ حڪومت جي نااهلي ملڪ کي اڳيان وڌڻ ۾ رنڊڪ بڻجي چڪي آهي. وفاقي حڪومت کي غريب عوام جي پريشانين جو خيال نه آهي. هڪ مهيني دوران پيٽرول جي قيمتن ۾ 10 روپيه ليٽر جو اضافو ڪيو ويو.

هن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم کان ملڪ نه پيو هلي. خان صاحب! عوام تي رحم ڪريو. پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺو. پيٽرول تي لڳايل ٽيڪس گهٽ ڪريو.