اڳرا: گمبٽ تعلقي جي ويهه کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند، ڳوٺڻ جو احتجاج

news

اڳڙا (رپورٽ: غلام رسول ڪلهوڙو) سيپڪو سب ڊويزن گمبٽ جي عملي پاران گذريل ٽي سال اڳ تعلقي گمبٽ جي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن علي بخش سروهي، ڳوٺ ڪنڊڙي، ڳوٺ رپڙي، ڳوٺ حبيب الله اڄڻ، ڳوٺ جاڙهه کوهه، ڳوٺ علي محمد گاد، ڳوٺ امير بخش سروهي، ڳوٺ مجهد، ڳوٺ بادل کهڙو، ڳوٺ نور محمد کهڙو ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جا ٽرانسفارمر لاهي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي پر ان باوجود به سيپڪو جي نااهل اختياريون ڄاڻايل ڳوٺن جي سوين رهواسين ڏانهن هر مهيني هزارين روپين جا ڳرا بل موڪلڻ جو سلسلو جاري رکيون پئي اچي.

جڏهن ته هن قهر جهڙي گرمي سبب علائقي جو عوام عذاب واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهي، اهڙي ريت بجلي تي هلندڙ ننڍو توڙي وڏو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، جنهن سبب بيروزگاري ۾ پڻ واڌارو ٿي ويو آهي.

سيپڪو سب ڊويزن گمبٽ جون اختياريون هڪ طرف شهرن ۾ هٿ وٺي بجلي چوري ڪرائي گرمي جي موسم ۾ سوين اي سيز جا ناجائز ڪنيڪشن ڏئي لکين روپيا ماهوار اوڳاڙي ڪري رهيون آهن، اهڙي چوري کي لڪائڻ لاءِ تعلقي گمبٽ جي ٻهراڙين جي ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ٽرانسفارمر لاهي کڻي ويا آهن ۽ غريب ۽ مسڪين ماڻهن ڏانهن ماهوار هزارين روپيا بل موڪلي لکين روپين جو قرضي بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هن ساهه مٺ ۾ ڪندڙ گرمي سبب عوام عذاب کي منهن ڏئي رهيو آهي.

جڏهن ته رهواسين اڪرم پنهور، علي بخش، منير احمد، ربنواز، تسليم علي عباسي ۽ ٻين چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، سنڌ حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڄاڻايل ڳوٺن کي بجلي ڏياري قهر جهڙي گرمي کان نجات ڏياري وڃي ۽ بجلي بند هجڻ باوجود ايندڙ بلن جو سلسلو بند ڪرائي عوام کي سيپڪو اختيارين پاران لٽجڻ کان بچايو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سيپڪو اختيارين خلاف عدالت جو در کڙڪايو ويندو.