news-details
جيڪب آباد

جيڪب آباد ۾ ايس ٽي پي جو اجلاس ٿي گذريو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي جيڪب آباد جو اجلاس ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو.

اجلاس ۾ نظام مستوئي، عبدالغفور ٿهيم، عمر سولنگي، دلمراد لاشاري، غلام مصطفي ڀٽو، بابل لھڙي، بابو عطار، وحيد ميمڻ سميت ٻين عھديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالغفور ٿھيم سان ايس ايڇ او سٽي پاران ڪيل بدتميزي ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي، اجلاس ۾ اڪثريت راء سان فيصلو ڪيو ويو ته چار آگسٽ تي ايس ايڇ او سٽي ھٽايو تحريڪ جو باضابطا احتجاجي جلوس سان آغا ڪيو ويندو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايس ايڇ او سٽي مهدي رضا ٽالپر لاڪ ڊائون جي آڙ ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي غنڊاگردي ڪري ايس ٽي پي جي ضلعي اڳواڻ عبدالغفور ٿھيم سان بدتميزي ڪري مٿس حملو ڪيو آھي، ايس ايڇ او سٽي مهدي رضا ٽالپر جي اھڙي ڪريل حرڪت جي مذمت ڪيون ٿا.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪندي چيو ته بدمست ايس ايڇ او سٽي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالغفور ٿھيم ۽ ٻين مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي ضلعي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.