news-details
جيڪب آباد

جيڪب آباد: نوجوان جي قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد ڏنگر محله مان 25 فيبروري تي گولي لڳل ۽ ٻوري ۾ بند پيل، باھه ڏئي ساڙيل لاش مليو ھو، جنھن جي ھڪ ڏينھن بعد سڃاڻپ 18 ورھين جي مھيش ڪمار طور ٿي ھئي، مقتول جي قتل جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي پيءُ اشوڪ ڪمار جي فرياد تي نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو.

جڏهن ته پوليس سي سي ٽي وي ڪيمرا جي مدد سان 10 مارچ تي جوابدار ونيب ڪمار کي نوجوان مھيش ڪمار کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو ھو، جوابدار پوليس آڏو قتل جو اعتراف ڪندي ڏوھه مڃي ورتو آهي، جڏهن ته مقتول جي قتل جو ڪيس فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت ۾ ھلندڙ ھو عدالت نوجوان مھيش ڪمار جي لاش کي باهه ڏئي ساڙي ڦٽو ڪرڻ واري واقعي کي 336 بي تحت دھشگردي جي عدالت ۾ ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي، دھشگردي ٽوڙ عدالت شڪارپور موڪلي ڇڏيو آهي.

ھوڏانھن مقتول نوجوان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار نوجوان ونيب ڪمار بااثر ھئڻ ڪري گذريل پنج مھينن کان علاج جي بھاني سول اسپتال جي وارڊ ۾ قيد ھيٺ آهي، جوابدار کي فون سميت ٻيون سھولتون مليل آهن.