news-details
ميرپورماٿيلو

ميرپورماٿيلو: غلام سرور کوکر کي ڪراچي جي پوليس گرفتار ڪري کڻي ويئي

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن سيميز ۽ پلاننگ آفيسر گھوٽڪي ايٽ ميرپورماٿيلو جي غلام سرور کوکر کي ڪراچي جي پوليس گرفتار ڪري کڻي ويئي آھي.

جڏھن ته مليل ڄاڻ موجب ڪراچي جي مبينا ٽائون ٿاڻي تي ڪراچي شھر جي ھڪ رھواسي شفيق احمد نالي ھمراہه ھن مٿان فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو آھي، جنھن ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته ڄاڻايل ايجوڪيشن آفيس 8 لک روپيا ورتا ته اوھان کي نوڪري وٺي ڏيندس پر ھن مھل تائين نه نوڪري وٺي ڏنائين ۽ نه وري پئسا واپس ڪري ٿو. اھڙي داخل ايف آءِ آر بعد ھن کي پنھنجي ڳوٺ واحد بخش کوکر مان ڪراچي پوليس گرفتار ڪري کڻي ويئي آھي.