ڏوڪري: تعلقا ھاسپيٽل جي ستٽيهه ملازمن کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري تعلقا ھاسپيٽل جي ستٽيهه ملازمن سنڌ حڪومت جي اچانڪ آءِ ايڇ ايس جي ملازمن کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ واري عمل خلاف سمير سنديلو جي اڳواڻي ۾ ملازمن ڇٽل ميتلو، مظفر جيسر، مدثر علي، عبدالحميد شيخ، نويد زهراڻي، شبانا ڪانڌڙو، ڪريم چانڊيو، نجمه سومرو ۽ ٻين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري گيٽ آڏو سخت احتجاج ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.

هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران آءِ ايڇ ايس جي ملازمن کي برطرف ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گهر ڪئي آهي ته اسان جي روزي بند نه ڪئي وڃي ۽ اهو فيصلو واپس وٺي، سنڌ حڪومت ۾ ضم ڪري پڪو ڪري اسان کي ڦاڪا ڪشي کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ اختجاج جاري رهندو.

ان موقعي تي ويم جون مختلف ڳوٺن کان آيل عورتن پڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي دانهون ڪوڪون ڪيون آهن ته هتي عورتن جا مفت آپريشن ٿيندا هئا، جيڪي بند ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري اسان پريشان آهيون، اسان جي واهر ڪئي وڃي.