بدين: سينئر صحافي الهرکيو نعيم ملاح دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين ۾ صحافت کي زندگي جا 40 سال ارپيندڙ سينئر صحافي ۽ ڪالم نويس پريس ڪلب بدين جو باني ميمبر ۽ اڳوڻو صدر الهرکيو نعيم ملاح دل جو دورو پوڻ بعد 80 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

جنهن جي جنازي نماز ۾ صحافين، واپارين، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جڏهن ته مرحوم کي سوين آلين اکين سان مولوي حاجي احمد ملاح قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.