news-details
شهدادپور

شھدادپور لڳ ڳوٺ چوڌري احمد دين آرائين ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويل ٽيم جي ليڊي تي حملو، متاثر جو احتجاج

شھدادپور (رپورٽ: سيفل  عباس ساند) شھدادپور لڳ ڳوٺ چوڌري احمد دين آرائين ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويل ٽيم جي ليڊي هيلٿ ورڪر شازيه تي ڳوٺاڻي عورتن حملو ڪري لتن، مڪن جو وسڪارو ڪري وارن کان گھلي تذليل ڪري ڪٽڪو ڏئي، ڳوٺ مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو متاثر ليڊي هيلٿ ورڪر شازيه ليڊي ھيلٿ ورڪرز جي اڳواڻ ۽ ايل ايڇ وي جي اي ڊي سي شمع گلاڻي سان گڏ اي سي آفيس شھدادپور پهچي اي سي شھدادپور آڏو احتجاج ڪيو.

جڏهن ته اي سي شھدادپور اويد ڏاھري فوري نوٽيس وٺندي ڪاروائي  لاءِ پوليس کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو، اھڙي واقعي بعد شھدادپور ۾ پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمون واپس پنھنجين آفيسن تي پھچي ويون.

متاثر ليڊي ھيلٿ ورڪر شازيه ٻڌايو ته پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ شام جو ڳوٺ چوڌري احمد دين ۾ ويل ھيونسين جتي نسيم زال اغظم آرائين جي اڳواڻي ۾ عورتن اسان تي اوچتو حملو ڪري وارن کان گھلي مارڪٽ ڪري تذليل ڪئي آھي، ڊي سي سانگھڙ ۽ ٻيا وس وارا معاملي جو فوري نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ ڏين.