سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ کان سواءِ به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو

news

ڪراچي: (اڱارو 03 آگسٽ 2021ع)  سنڌ جي صحت کاتي قومي سڃاڻپ ڪارڊ نه رکندڙ شهرين کي به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ان حوالي سان صحت کاتي سنڌ جي ترجمان موجب بنا سڃاڻپ ڪارڊ وارا ماڻهو پنهنجا تعليمي سرٽيفڪيٽ يا(ب) فارم جي بنياد تي ويڪسين لڳرائي سگهن ٿا.

ترجمان وڌيڪ چيو ته شخصي ضمانت نه هجڻ جي صورت ۾ فارم ڀري استعمال هيٺ موبائل نمبر ذريعي به ويڪسين لڳرائي سگهجي ٿي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب ويڪسين لڳرائڻ جي اها سهوليت پهرين مرحلي ۾ صرف ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ڏني پئي وڃي.