ڪراچي: (اڱارو 03 آگسٽ 2021ع) سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي. سيد قائم علي شاهه جي وڪيل اڳوڻي وڏي وزير جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي.
تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري ڪيس ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
قائم علي شاهه جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. اڳوڻي وڏي وزير جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سيد قائم علي شاهه بيمار هجڻ سبب پيش نٿو ٿي سگهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران صوبائي وزير شرجيل ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن خلاف جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي. جنهن تي عدالت شرجيل ميمڻ، قائم علي شاهه ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 21 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ نيب کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.