ڪورونا وائرس وڌيڪ ستهٺ مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، پنجٽيهه سئو کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

news

اسلام آباد: (اڱارو 03 آگسٽ 2021ع) ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 23 هزار 529 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 10 لک 43 هزار 277  ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گزريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 582 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 3 لک 58  هزار 387، سنڌ ۾ 3 لک 87 هزار 261، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 45 هزار 306، بلوچستان ۾ 30 هزار 627، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 318، اسلام آباد ۾ 88 هزار 344 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 25 هزار 34 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 61 لک 58 هزار 330 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 798 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 9 لک 44 هزار 375 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 3 هزار 398 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 67 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 23 هزار 529 ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ 11 هزار 83، سنڌ ۾ 6 هزار 57، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 477، اسلام آباد ۾ 804، بلوچستان ۾ 328، گلگت بلتستان ۾ 147 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 633 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.