news-details
لاھور

ڊيلٽا وائرس جا وڌندڙ ڪيس: ڪراچي کان پوءِ پنجاب ۾ به لاڪ ڊائون لاڳو

لاهور: (اڱارو 03 آگسٽ 2021ع) پنجاب جي 4 ضلعن ۾ ڊيلٽا وائرس جي وڌندڙ ڪيسز کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. لاڪ ڊائون 3 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين لاڳو رهندو.

تفصيل موجب پنجاب جي 4 ضلعن ۾ ڊيلٽا وائرس جي ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ صوبي جي چئني ضلعن ۾ لاڪ ڊائون لڳايو ويو. ان حوالي سان صحت کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. صحت کاتي جي سيڪريٽري ساره اسلم چيو ته لاڪ ڊائون 3 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين لاڳو رهندو. لاڪ ڊائون لاهور، راولپنڊي، ملتان، فيصل آباد جي علائقن ۾ هوندو. سمورا ڪاروباري مرڪز رات 8 وڳي تائين بند ٿي ويندا. جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل هوندي ۽ سموريون ڪاروباري سرگرميون معطل رهنديون.

ساره اسلم چيو ته ميڊيڪل سروسز، فارميسيز، طبي مرڪز، ويڪسينيشن سينٽر پورو هفتو کليل رهندا. جڏهن ته پيٽرول پمپ، تندور، بيڪري، ڪريانه اسٽور، کير جا دڪان 24 ڪلاڪ کليل رهندا. نوٽيفڪيشن موجب فروٽ، ڀاڄي، گوشت، فوڊ ڊليوري، ڪوريئر پوسٽل سروسز، بجلي، گيس، انٽرنيٽ، ٽيلي ڪام ڪمپنيز، ڪال سينٽر، ميڊيا هائوسز، آٽو ورڪشاپ، آئل ڊپو، منڊيون سمورو هفتو کليل رهنديون.

صحت واري سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته سموريون مزارون، سئنيما  گهر مڪمل بند رهندا. سموريون سرڪاري ۽ نجي آفيسون 50 سيڪڙو عملي سان ڪم ڪري سگهندو. پر ان ڊور ڊائننگ تي پابندي ۽ آئوٽ ڊور ڊائنگ ايس او پيز سان 10 وڳي تائين هونديون. چونڊ ضلعن ۾ 8 آگسٽ کان ان ڊور شادي جي تقريبن تي مڪمل پابندي هوندي. جڏهن ته آئوٽ ڊور تقريبن جي 400 ماڻهن جي گنجائش سان 10 وڳي تائين جي اجازت هوندي.