وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ وزيراعظم هائوس کي ڪمرشل استعمال لاءِ کولڻ جي منظوري ڏني ويندي

news

اسلام آباد: (اڱارو 03 آگسٽ 2021ع) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ۽ وفاقي ڪابينه 15 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ وزيراعظم هائوس کي ڪمرشل استعمال لاءِ کولڻ جي منظوري ڏني ويندي جنهن کان پوءِ وزيراعظم هائوس ۾ ثقافتي تقريبون، فيشن شوز ۽ ويننج گاڏين جي نمائش سميت اعليٰ سطح جون سفارتي تقريبون ۽ سيمينار به ٿي سگهندا.

ان کان علاوه ڪابينه جي اجلاس ۾ 15 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ٿيندو جڏهن ته ڪابينه ڪورونا وائرس کان بچاءُ ۽ ان جي علاج لاءِ گهربل 61   شين مٿان ڊيوٽي ڇوٽ جي منظوري به ڏيندي.