ڏوڪري: رائيس ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سان پاڻي متعلق ڳالھ ٻولهه ڪئي: ايس ڊي او ايريگيشن

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ساريالو فصل پوکجن کان رهجن جو خدشو، پاڻي جي صورتحال تي ايس ڊي او ايريگيشن رياض احمد عباسي رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري پهچي اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ سان پاڻي متعلق ڳالھ ٻولهه ڪئي.

ان موقعي تي ايس ڊي او رياض عباسي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ کي پاڻي اداري کي مڪمل 9 ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.

جڏهن ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اداري ۾ مسلسل پاڻي 7 ماپ هئڻ سبب ساريالو فصل جو رونبو ٿي ناهي سگهي، جنهن ڪري فصل رهجي وڃي ٿو. هن چيو ته جلد پورو پاڻي نه ڏنو ويو ته اداري کي نقصان پهچندو.

هن چيو ته ان سلسلي ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي تي اسين پنهنجي کاتي جي هيڊ آفيس کي آگاهه ڪرڻ ۽ لکت ۾ به آگاهه ڪيو اهي ۽ ايريگيشن کاتي جي اعليٰ عملدارن توڙي ايريگيشن وزير کي اپيل ڪئي آهي.

هن چيو ته ايس ڊي او ايريگيشن رياض احمد عباسي يقين ڏياريو آهي ته پاڻي جي ماپ 9 تائين ڏنو ويندو ته جئين فصل ٿي سگهي ۽ اسين پنهجو عملدار ان تي مقرر ڪيو آهي ۽ انشاءالله مسئلو حل ٿي ويندو.

ان موقعي تي ايس ڊي او ايريگيشن رياض احمد عباسي کي شاخ جو دورو ڪرايو ويو.

ان موقعي تي اسٽيٽ آفيسر ارشاد دستي، سونو خان گوپانگ، ارشاد جوڻيجو، سڌير پنهور ۽ ٻيا موجود هئا.