ٽنڊوڄام ويجھو ڳوٺ سانوڻ خان گوپانگ ۾ شادي شدهه ناري ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام ويجھو ڳوٺ سانوڻ خان گوپانگ ۾ 22 سالا شادي شدہ ناري انيتا زال رميش مبينا گھر اندر ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو.

جنهن بعد ناري جي ساهرن ناري جي مائٽن کي واقعي کان آگاهه ڪيو، جيڪي ناري جو مڙهه ٽنڊوڄام ويجهو پنهنجي ڳوٺ تاجپور کڻائي ويا. جنهن بعد ۾ ناري جي مائٽن قتل جو شڪ ظاھر ڪندي واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڪيو ويو. جنھن بعد پوليس ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

جڏهن ته پوسٽ مارٽم بعد ناري جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي ناري هڪ معصوم ٻارڙي جي ماءُ هئي.

ناري جي سس جو چوڻ آهي ته منهنجي ننڍڙي پوٽيءَ جي مسلسل روئڻ تي آئون پنهنجي ننهن کي سڏڻ ويس ته ڪمري جو دروازو اندارن بند هو ۽ مون دري مان ڏٺو ته منهنجي ننهن کي ڦاهو کاڌل هو، جنهن تي دري مان ڪمري اندر گهڙي پيتي تي چڙهي رسو کوليم.