news
شهدادپور

شھدادپور ڀرسان ڳوٺ خداداد ڪپري ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ڀرسان ڳوٺ خداداد ڪپري ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ گولي لڳڻ سبب 18 ورهين جو نوجوان منور خاصخيلي زخمي ٿي پيو، جنھن کيسمس اسپتال شھدادپور کان حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

جڏهن ته زخمي نوجوان جي ڀاءُ اعجاز ٻڌايو ته 5 سال اڳ اسماعيل خاصخيلي کان 2 لک ۾ پلاٽ خريد ڪيو، لِکت هئڻ باوجود هاڻ قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، سندس چئن پٽن حملو ڪري مٿن فائرنگ ڪري ڏني.