جيڪب آباد جي عدالت ۾ مٺي پاڻي جي فراهمي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي، ميونسپل، سيپڪو ۽ روينيو عملدار پيش ٿيا

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت ۾ شھرين پاران مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

جنهن ۾ ايم ايس ڊي پي پاران طفيل احمد سومرو سيپڪو پاران ايڪسئين صابر بگٽي، ايس ڊي او ذوالفقار ڪلھوڙو، شھرين جي وڪيل جي ايم سومرو سميت ٻيا پيش ٿيا.

شھرين جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايم ايس ڊي پي، ميونسپل ۽ سيپڪو جي عملدارن پاران جيڪي واعدا ڪيا ويا، ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو، پاڻي فراهمي منصوبو 2017 ۾ مڪمل ٿيڻو ھو پر اڃان تائين اڻپورو آهي، شھرين کي روزاني جي بنياد تي پاڻي فراهم نه ڪيو پيو وڃي، سيپڪو عملدار واٽر سپلاءِ فيڊر تي ھٿ سان بجلي چوري ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته جنريٽر ھئڻ باوجود به شھري پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن، فلٽر پلانٽ مان ٽينڪر مافيا کي پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي.

عدالت آڏو ميونسپل عملدارن چيو ته سيپڪو عملدارن پاران 10 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي وڃي ۽ ايم ايس ڊي پي پاران اڌ ۾ ڇڏيل پائيپ وڇائڻ وارو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي ته شھرين کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻايو ويندو.

سيپڪو ايڪسئين عدالت کي ٻڌايو ته بجلي جو ميٽر فيڊر تي لڳايو وڃي، جنهن بعد 24 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي ويندي. عدالت ايڪسئين کي اھڙو قسم نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن بعد ايڪسئين پاران قسم نامو جمع ڪرايو ويو، جڏهن ته ايم ايس ڊي پي عملدارن کان عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوھان رھيل ڪم ڪڏهن مڪمل ڪندو، جنهن تي عملدارن ھڪ مھيني ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي عدالت ايم ايس ڊي پي عملدارن کان به مھيني اندر ڪم مڪمل ڪرڻ جو قسم نامو عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ پابند بڻايو ويو ته اڳين ٻڌڻي تي ٺيڪيدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

جنهن بعد عدالت آرڊر پاس ڪندي چيو آهي ته ادارن جي ذميوارن پاران قسم نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، ان تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته سيپڪو عملدارن کي پابند ڪيو ويو ته بجلي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، جيئن شھرين کي روزاني جي بنياد تي مٺو پاڻي فراهم ٿي سگهي، جنهن بعد جج ٻڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.