news
بدين

بدين ۾ حيسڪو ملازمن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي ۽ احتجاج

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين ۾ حيسڪو ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊويزنل چيئرمين غوثو خان پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري محمد عثمان نظاماڻي، محمد صالح بوهڙ، ممتاز جوڻيجو، ابراهيم سومرو، غلام مصطفيٰ شاہه جي اڳواڻي ۾ ايڪسيئن آفيس کان الله والا چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حيسڪو ۾ ڪم دوران تقريبن روزانه جي بنياد تي ملازم حادثن جو شڪار ٿي فوت ٿي وڃن ٿا، يان وري حادثي جو شڪار ٿي معذوري جي زندگي گھارڻ تي مجبور آهن، جنهن جو وڏو سبب حيسڪو ۾ اسٽاف جي کوٽ مٿن ڪم جو دٻاءُ ۽ ڪم  دوران گهربل حفاظتي سامان جي کوٽ آهي. هنن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪنهن حادثي ۾ عام شهري جي موت تي سياستدان ۽ معاشرو حيسڪو ملازمن خلاف واويلا ڪندو رهي ٿو پر  ملازمن جي ڊيوٽي دوران فوت ۽ معذور ٿيڻ تي سياستدانن سميت پورو معاشرو خاموش تماشائي بڻيل هوندو آهي ۽ ڊيوٽي دوران فوت يان معذور ٿيل ملازمن جا خاندان سخت مالي مشڪلاتن جو شڪار هوندا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته حيسڪو ۾ اسٽاف جي گھٽتائي جو پورائو ڪري ملازمن کي ڪم ڪار دوران گهربل حفاظتي سامان ڏيڻ سان گڏ فوت يان معذور ملازمن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي، ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.