آءِ ايم پاڪستان جو اجلاس رياض احمد ڪورائي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، نون عهديدارن جي چونڊ

news

دادو: (اربع 04 آگسٽ 2021ع) آءِ ايم پاڪستان ورلڊ وائيڊ موومينٽ جو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ ضلعي سطح تي عهديدار چونڊيا ويا.

رپورٽ موجب دادو ۾ پرڏيهي پاڪستانين جي تعاون سان ڪم ڪندڙ تنظيم آءِ ايم پاڪستان موومينٽ سنڌ جو اجلاس آءِ ايم پاڪستان ورلڊ وائڊ موومينٽ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ رياض احمد ڪورائي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ دادو ضلعي تي عمران ڪورائي کي صدر جڏهن ته مولاداد باهوٽو کي سينئر وائيس پريزيڊنٽ، تهمينه سميجو کي پري وائس پريزيڊنٽ، مهتاب سنڌو کي وائس پريزيڊنٽ، محمد خان جمالي کي جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين کي مختلف عهدن تي مقرر ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تنظيم جو مقصد غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ آهي. پهرين مرحلي ۾ اٽو 20 روپيه ڪلو جي پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪري رهيا آهيون. ان کان علاوه ٻيون سهوليتون جنهن ۾ بنا وياج جي قرض ڏيڻ، روشن اڪائونٽ ۽ ٻين سهوليتن تي ڪم جاري آهي.

مختلف ضلعن ۾ باڊيون  ٺاهيون پيون وڃن. نه صرف مرد پر عورتن کي به هن تنظيم ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن انهن جي حقن تي هر ممڪن ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ سندن وڌ کان وڌ مدد ڪئي وڃي ته جيئن هو هن معاشري ۾ بهتر طريقي سان زندگي گذاري سگهن.