عمران خان سردار عبدالقيوم نيازي کي آزاد ڪشمير لاءِ وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو

news

مظفرآباد: (اربع 04 آگسٽ 2021ع) وزيراعظم عمران خان سردار عبدالقيوم نيازي کي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

وزيراعظم جي مقرري لاءِ آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ ووٽنگ اڄ ٿيندي. جنهن جي لاءِ متحده اپوزيشن چوڌري لطيف اڪبر کي نامزد ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف وزيراعظم آزاد ڪشمير جي لاءِ سردار عبدالقيوم نيازي کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تصديق سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ جي ذريعي ڪري ڇڏي آهي.

سردار عبدالقيوم نيازي مسلم ڪانفرنس ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو هو. سردار عبدالقيوم نيازي 25 جولاءِ تي ٿيندڙ آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي چونڊ ۾ تڪ ايل اي 18 پونچهه ون مان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. وزيراعظم آزاد ڪشمير جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جو سردار عبدالقيوم نيازي ۽ متحده اپوزيشن جي اميدوار چوڌري لطيف اڪبر جي نامزدگي ڪاغذن کي صحيح قرار ڏنو آهي.