ڀارت پاڪستان خلاف دهشتگردن جي سرپرستي ۽ مالي مدد ۾ ملوث آهي: شاهه محمود قريشي

news

اسلام آباد: (اربع 04 آگسٽ 2021ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي خلاف دهشتگردن جي سرپرستي ۽ ان جي مالي مدد ۾ ملوث آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي والاريل جمون ڪشمير ۾ هڪ طرفي ۽ غيرقانوني ڀارتي قدمن کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن والاريل ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ڀارت والاريل جمون ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قبضي کي مستحڪم بنائڻ جي لاءِ 5 آگسٽ 2019 جا قدم کنيا.

والاريل خطي جي جغرافيائي ۽ چونڊ حدن ۾ هيٺ مٿانهين جي لاءِ ڀارت غيرقانوني قدم کنيا. ان غيرقاني ڀارتي قدمن جو مقصد والاريل خطي ۾ ڪشميرين کي آزادي جي حقن کان محروم ڪرڻ هو. ڀارت ان غيرقانوني قدمن ۽ جبر سان ڪشميرين کي دٻائڻ ۽  سندن حق ڦرڻ چاهي ٿو. شاهه محمود قريشي پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته پاڪستان 5 آگسٽ 2019 ۽ ان جي تحت سمورن ڀارتي غيرقانوني هڪ طرفن قدمن کي رد ڪري ٿو. ڀارت ان قدمن جي ذريعي عالمي قانون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، چوٿي جنيوا ڪنوينشن جي کلي ڀڃڪڙي ڪئي.

ڀارت جا 5 آگسٽ 2019 جا سمورا قدم غيرقانوني ۽ ڪالعدم آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميرين کي چيڀاٽڻ لاءِ 9 لک ڀارتي فوج والاريل خطي ۾ مقرر ڪئي وئي آهي. ڀارت 15 هزار کان وڌيڪ ڪشميري نوجوانن کي غيرقانوني طور تي قيد ڪري رکيو آهي. ڀارت پاڪستان جي خلاف دهشتگردن جي سرپرستي ۽ ان جي مالي مدد ۾ ملوث آهي. تازو ئي لاهور ۾ بم ڌماڪو ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. سلامتي ڪائونسل ڀارت جي پاڪستان خلاف دهشتگرد ۽ تخريبي سرگرمين کان روڪي.  نتيجا ڏيندڙ ڳالهين ۽ رابطن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ڀارت جي ذميواري آهي.