ڪورونا وڌيڪ ڇائيتاليهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، ستيتاليهه سئو کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

news

اسلام آباد: (اربع 04 آگسٽ 2021ع) ڪورونا وبا وڌيڪ 46 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 23 هزار 575 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 10 لک 47 هزار 999 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 722 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 3 لک 59 هزار 321، سنڌ ۾ 3 لک 89 هزار 699، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 45 هزار 862، بلوچستان ۾ 30 هزار 749، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 391، اسلام آباد ۾ 88 هزار 676 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 25 هزار 301 ڪيسز رپورٽ ٿيا.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 62 لک 15 هزار 728 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 57 هزار 398 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 9 لک 45 هزار 829 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 3 هزار 858 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن دوران 46 مريض حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 23 هزار 575 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 11 هزار 104، سنڌ ۾ 6 هزار 69، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 487، اسلام آباد ۾ 804، بلوچستان ۾ 328، گلگت بلتستان ۾ 147 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 634 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.