گولاڙچي جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه آيو، ساريالو فصل متاثر، آبادگارن جا مظاهرا، ڌرڻا

news

گولاڙچي (رپورٽ: ساجد اقبال) تعلقي گولاڙچي جي مختلف شاخن گوني ڪينال، چاڪري، نقرجي، سورھڏي، امام واهه سميت ٻين شاخن جي پوڇڙ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ ۽ آبپاشي عملدارن پاران مبينه طور رشوت عيوض پاڻي چوري سبب گولاڙچي تعلقي ۾ ٻن لک ايڪڙن تي ساريالي فصل جي پوکي نه ٿي سگھي آھي.

جڏھن ته پوڇڙين وارن علائقن ۾ آبادگارن پاران مجموعي طور اربين روپين جي خرچ سان پوکيل ھائبرڊ ٻج پڻ سڙي ناس ٿي ويو آھي، علائقي ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ ۽ سيڊا گري خلاف مختلف شاخن جي آبادگارن پاران ڌار ڌار ڌرڻا ھنيا ويا، پاڻي کوٽ خلاف کير سري ۽ چاڪري شاخ جا آبادگار روڊن تي نڪري آيا ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ٻيھاري ڪراچي بدين مين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

هوڏانھن ڪيترن شاخن سان تعلق رکندڙ آبادگارن جاکرو نوحاڻي، حسن مھيري جي اڳواڻي ۾ گولاڙچي جي شاخن جي دوري تي آيل ڊائريڪٽر سيڊا مير غلام علي ٽالپر ۽ ايڪسين ايريگيشن ياور ميمڻ جو گھيرائو ڪري سيڊا ۽ ايريگيشن عملي خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. جڏھن ته مڇريل آبادگارن ايريگيشن آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو، ڊائريڪٽر سيڊا جڏھن ٽياڪڙي لاءِ آبادگارن وٽ پھتو ته آبادگارن آبپاشي عملي خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

ان موقعي تي آبادگارن الزام هڻندي چيو ته بااثر زميندار پئسن عيوض سرعام شاخن تي مشينون رکي پاڻي چوري ڪري رھيا آھن، جڏھن ته بااثر زميندارن طرفان واٽر ڪورس ٽوڙي ۽ شاخن کي ڪٽ ھڻي پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، ڊائريڪٽر سيڊا پاران ڪوتاھي ۾ ملوث عملدارن ۽ پاڻي چوري ۾ ملوث زميندارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ پنج ڏينھن اندر تعلقي جي سڀني شاخن جي پوڇڙ تائين پاڻي پھچائڻ جي خاطري کانپوءِ ڌرڻر ختم ڪيو ويو.