ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ قاضي لعل بخش ڪلوڙ مان نوجوان ناري پيار جي پرڻي لاءِ گهران نڪري وئي

news

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ قاضي لعل بخش ڪلوڙ مان نوجوان ناري 15 سالا شبانه ڌي روشن مارواڙي پيار جي پرڻي لاءِ گهران نڪري وئي آهي.

ان سلسلي ۾ ناري جي پيءُ روشن لعل، ماءُ شبيران، ڏاڏي سوڍي مارواڙي پاران قاضي برادري جي سرفراز ولد منير احمد قاضي مٿان ناري جي اغوا جو الزام هنيو آهي.

هوڏانهن ناري گهران نڪرڻ بعد ناري جي وارثن جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.

هوڏانهن ميرپور ماٿيلو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد ميرپور ماٿيلو پوليس پهچي وئي، هوڏانهن پوليس جوابدارن جي اوطاق تي ويهي چانھ پيئڻ ۽ ماني کائڻ ۾ پوري آهي، ٻي پاسي پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي، جنهن سبب ناري وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي.

هوڏانهن ناري جي وارثن ٻڌايو ته ناري شبانه جي عمر 15 سال آهي، جنهن کي قاضي برادري جي ماڻهن زور زبردستي اغوا ڪري ويا آهن.

هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.