ميرپورماٿيلو: محرم الحرام جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

news

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدالله چيو آهي ته محرم الحرام ۾ مجلسون منعقد ڪرڻ ۽ جلوس ڪڍڻ دوران ڪورونا وائرس جي پيش نظر سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن.

ان سلسلي ۾ حڪومت پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ته جيئن وائرس کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ محرم الحرام جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ ضابطه اخلاق تي عمل ڪرائڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو.

گڏجاڻي ۾ رينجرز جي ونگ ڪمانڊرز، سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي ايڇ او، اي ايس پي، ڊي ايس پيز، مختيارڪارن، موٽروي پوليس، سيپڪو ۽ ميونسيپل آفيسرن سميت مختلف مڪتبه فڪر جي مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته محرم الحرام جو احترام ڪرڻ سڀني مسلمانن جو فرض آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪورونا جو ڊيلٽا انڊين ويريئنٽ جي پکڙجڻ سبب اهڙي خطرناڪ وائرس جي تناسب ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، انڪري سمورن عالمن کي گهرجي ته حڪومت پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪندي مجلسن ۽ جلوسن ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي ۽ هينڊ سينيٽائزر جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، شريڪ ماڻهن جو تعداد گهٽ کان گهٽ ڪري ٻارن ۽ پوڙهن سميت بخار، کنگهه يا زڪام ۾ مبتلا ماڻهن کي مجلس يا جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، مجلس منعقد ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ فرش کي ڪلورين سان ڌوئي صاف ڪيو وڃي ۽ مجلسون کليل هنڌن تي وقت جي پابندي سان منعقد ڪيون وڃن، جڏهن ته ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس خلاف سجاڳي پيدا ڪئي وڃي ته جيئن وائرس کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي.

هن چيو ته عاشورن دوران پهرين کان طئي شده مجلسون ۽ جلوس منعقد ٿيندا، ڪنهن به نئين جلوس يا روٽ جي اجازت نه ڏبي، سمورا مذهبي اڳواڻ پنهنجي پنهنجي پيروڪارن کي هدايتون ڏين ته هو عاشورن کان اڳ ئي ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين لڳرائن ۽ ضابطه اخلاق مطابق ضلعي انتظاميه سان مڪمل تعاون ڪندي. هڪٻئي جي جذبن جو احترام ڪيو وڃي ته جيئن شرپسند عنصرن کي فساد پکيڙڻ جو موقعو نه ملي سگهي ۽ عاشورن جا ڏينهن امن و امان سان گذري سگهن.

ان سلسلي ۾ شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويندو.

ان موقعي تي هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته تعلقي سطح تي گڏجاڻيون منعقد ڪري عاشورن دوران ضابطه اخلاق تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.

هن سيپڪو عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته مجلسن دوران لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن عزادار مشڪل کان بچي سگهن.

هن ميونسيپل آفيسرن کي پڻ سختي سان هدايت ڪندي چيو ته شهرن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائي مين هول بند ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.

ان موقعي تي سمورن مذهبي اڳواڻن ضلعي انتظاميه کي پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.