ڄامشورو: پي ٽي آئي جي ڪارڪنن پاران حليم عادل شيخ مٿان نوابشاهه ۾ ٿيل حملي خلاف احتجاج

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڪجھ ڏينهن اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ مٿان نوابشاهه ۾ ٿيل مبينا حملي خلاف ڄامشورو ۾ پي ٽي آئي تعلقه ڄامشوري جي صدر محمد علي ڏاهاڻي، صديق آمڙو، فيض محمد بڙدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک چونڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران اڳواڻ ۽ ڪارڪنن نوابشاهه پوليس ۽ پيپلزپارٽي خلاف سخت نعريبازي ڪندا ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهتا، جتي مطالبن جي مڃتا لاءِ پڻ سخت نعريبازي ڪندا رهيا.

ان دوران پريس ڪلب اڳيان اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پ پ ۽ زرداري مافيا وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن، سندن جا ڪارا ڪرتوت عوام اڳيان ظاهر ڪرڻ تي زرداري مافيا آپي مان نڪري وئي آهي ۽ ان پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حملو ڪري انتهائي ڪريل حرڪت ڪئي آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.
هنن چيو ته پ پ پنهنجي گذريل ٽن پيرڊن دوران عوام لاءِ ڪجھ ناهي ڪري سگهي، جنهن سبب سنڌ جو عوام بک بدحالي ۽ بي روزگاري جو شڪار آهي، صوبائي ادارا پ پ جون جاگيرون بڻيل آهن ۽ سنڌ پوليس ۾ پ پ جا گنڊا شامل ٿيل آهن، جن کي سياسي انتقامن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
هنن مطالبو ڪيو آهي ته حليم عادل شيخ تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سنڌ مان زرداري مافيا ۽ پوليس گردي ختم ڪئي وڃي.