news
بدين

بدين ڊسٽرڪٽ پوليس پاران شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين پوليس ۾ پنهنجا سرڪاري فرض انجام ڏيندي شهادت جو رتبو ماڻيندڙ ٻارهن جوانن ۽ آفيسرن جي شھادت جو ڏهاڙو ملهايو ويو.

ان موقعي ايس ايس پي شبير احمد سيٺار، اي ايس پي محمد عثمان خان پوليس هيڊ ڪوارٽر پهچي شهيدن جي يادگار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويو، شهيدن کي سلامي ڏني ايس ايس پي آفيس ۾ شهيدن جي فيملين مانجهاندو ڏنو ويو.

ٻئي طرف جي ڊي پي او چوڪ ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي طرفان شهيدن جي ياد ۾ ڏيئا، روشن ڪيا ويا.

ان موقعي تي ايس ايس پي شبير احمد سيٺار چيو ته پوليس جي نوجوانن توڙي آفيسرن امن امان قائم رکڻ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ توڙي قدرتي آفتن ۾ فرنٽ لائن تي ڪم ڪيو آهي، پنهنجي فرضن ادائگي شهادت ماڻي آهي.

هن چيو بدين پوليس کاتي جي شهيدن جي وارثن سان هر وقت گڏ آهي، انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.