ڪورونا جي چوٿين لهر وڌيڪ سٺ مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، پنج هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

news

اسلام آباد: (خميس 05 آگسٽ 2021ع) سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر ۾ تيزي اچي رهي آهي. 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وڌيڪ 60 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 62 هزار 462 ٽيسٽ ڪيا ويا. جنهن مان 5661 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي گڏيل هاڪاري ڪيسز جو انگ 1.053.660 ٿي وئي آهي. جنهن مان 952.616 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 60 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون.

اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين هن وبا وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 23 هزار 635 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 9.06 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.