ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڄ سموري ملڪ ۾ يوم استحصال ملهايو پيو وڃي

news

اسلام آباد: (خميس 05 آگسٽ 2021ع) ڀارت طرفان والاريل رياست جمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ واري غيرقانوني قدمن کي 2 سال گذري ويا. پاڪستان ۾ اڄ يوم استحصال ملهايو پيو وڃي.

يوم استحصال ڪشمير جي سلسلي ۾ شاهه محمود قريشي جي اڳواڻي ۾ پرڏيهي آفيس مان ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ صدر عارف  علوي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد، فواد چوڌري، شبلي فراز ۽ اعظم سواتي سميت ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي صدر عارف علوي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير جي آزادي تائين ڪوبه پاڪستان سک سان نه ويهندو. مظلوم ڪشميرين مٿان ڀارتي ظلم اڄ به جاري آهن. ڀارت خطي جو امن تباهه ڪرڻ لاءِ باهه سان کيڏي رهيو آهي. ڀارتي سازشن جي باوجود پاڪستان مستحڪم ٿي رهيو آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سموري دنيا ڀارت جي 5 آگسٽ وارن قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير جي آزادي تائين اتان جي عوام سان گڏ آهيون. گڏيل قومن، سيڪيورٽي ڪائونسل لکين ڪشميرين کي حق ڏيڻ وارن واعدن تي عمل يقيني بنائي.

سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اڄ هڪ سال کان پوءِ به پاڪستان جو عوام صدر، پرڏيهي وزير ۽ سموري ڪابينه ڪشميرين سان گڏ آهي. سموري ڪابينه اڄ ريلي ۾ شرڪت ڪئي.