ڏوڪري: ڪشميري ڀائرن سان ٻڌيءَ جي اظهار طور ۽ والاريل ڪشمير تي ڀارتي ظلم خلاف ريلي ڪڍي وئي

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) تعلقي جي مختلف مڊل توڙي ھاءِ اسڪولن جي استادن گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جي صدر نثار احمد سولنگي، شفيق احمد ٻگهيو، شھزادو ٻٽ، علي محمد پٺاڻ، محمد ياسين ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي.

ريليءَ ۾ موھن جو دڙو بوائز هاءِ اسڪول، ڪاراڻي بوائز هاءِ اسڪول، دڙا بوائز هاءِ اسڪول، عثمان ڪلھوڙو بوائز هاءِ اسڪول، سيھڙ بوائز هاءِ اسڪول، گابر مسڻ بوائز هاءِ اسڪول، گرلس ھاير سيڪنڊري اسڪول ڏوڪري، ٽاٽڙي بوائز هاءِ اسڪول، عبدالڪريم انڙ بوائز هاءِ اسڪول، ويھڙ بوائز هاءِ اسڪول، گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول وڪڙو ۽ ٻين مختلف اسڪولن جي استادن توڙي نان ٽيچنگ اسٽاف ھٿن ۾ جهنڊا، بئنر، پلي ڪارڊ ۽ پئنافليڪس کڻي اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا.

جڏهن ته ريليءَ ۾ مختيارڪار ڏوڪري آصف علي شر، سائين بخش ڪولاچي، ڪامران ضمير منگي ۽ روينيو کاتي جي ٻين عملدارن خصوصي شرڪت ڪئي.

ريليءَ ۾ شريڪ استادن ۾ گلزار علي ميراڻي، خليل الرحمان سومرو، امام الدين ٽاٽڙي، فياض خاصخيلي، اقبال علي جوڻيجو، عامر حسين ميراڻي، نجم الدين سومرو، مسعود احمد منگي، عبدالغفور زھراڻي، راشد الرحمان جوڻيجو، ذاڪر علي سومرو، اللہ بخش جوڻيجو، عبدالجبار سومرو، احمد علي سومرو، عقيل احمد جوڻيجو، امجد علي منگي، اعجاز علي سوھو، آغا نويد سميجو، عبدالقادر جلباڻي، سونو خان جکرو، مير خان هيسباڻي، بشير احمد خاصخيلي، محمد حيات سومرو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي ۾ شريڪ استاد ۽ ٻيا ”ملازم ڪشمير بني گا پاڪستان“ ۽ ”ڪشميرين تي ظلم بند ڪيو“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گسٽا اڳواڻ ۽ ھيڊماستر محترم نثار احمد سولنگي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شھ رڳ آهي، جنهن کي ڪوبه ڌار نه ٿو ڪري سگهي.

هنن ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو ڀرپور اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا جي ڇھين ايٽمي قوت آهي، جنهن ڏانهن ڪوبه ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي.

اڳواڻن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪشمير جي جنت جهڙي ڌرتيءَ کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي. هنن چيو تہ اسان هر موڙ تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون.