news
بدين

بدين ۾ خانگي اسپتال ۾ آپريشن دوران نوجوان فوت، وارثن جو احتجاج

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) نندو شهر ڀرسان ڳوٺ بقا نهڙيو جو 22 سالن نوجوان گيانچند ڪولهي بدين جي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ مبينا غلط آپريشن سبب فوت ٿي ويو.

جنهن بعد فوتي نوجوان جي وارثن سيشن ڪورٽ باءِ پاس روڊ تي موجود خانگي ميڊيڪل سينٽر اڳيان فوتي نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنھن دوران فوتي نوجوان جي پيءُ پارو ڪولهي پٽ گيانچند کي هفتو پهرين معمولي پاسي ۾ سور ٿيو هو، جنهن کي علاج لاءِ ڊاڪٽر علي نواز ٽالپر وٽ کڻي آياسين ته ڊاڪٽر چيو ته هن کي گڙدن جو مسئلو آهي، هن جي فورن آپريشن ٿيندي. جنهن بعد اسان کان ڳري فيس وٺي آپريشن ڪيائين پر آپريشن بعد زخم ڪري خراب ٿيندا رهيا جنهن جي علاج دوران اسان ڊاڪٽر کي چيو اسان جو مريض توهان وٽ ٺيڪ نٿو ٿئي ته اسان کي ڪنهن ٻئي اسپتال موڪليو پر ڊاڪٽر ٻيهر پيسا وٺي، جنهن آپريشن ڪئي، جنهن بعد اسان جي نوجوان طبيعت انتهائي خراب ٿي وئي، ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيائين، جنهن بعد ڊاڪٽر سندس خانگي اسپتال مان اسان جي نوجوان کي ڪراچي موڪليو پر اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي اسان جو ڇوڪرو وفات ڪري ويو.

هن الزام هنيو ته ڊاڪٽر جي غلط آپريشن ۽ علاج ۾ لاپرواهي سبب اسان جو نوجوان فوت ٿيو آهي، تنهن ڪري ڊاڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، وارثن جي احجتاج بعد اسپتال انتظاميا پاران ڳالهيون ڪري نوجوان جي علاج تي آيل خرچ ڀري ڏيڻ جي يقين ڏيارڻ تي وارث احتجاج ختم ڪري لاش واپس ڳوٺ کڻائي ويا.