ڪراچي: سول اسپتال جو ايم ايل او ڪورونا وگهي حياتي وڃائي ويٺو

news

ڪراچي: (جمعو 06 آگسٽ 2021ع)  سول اسپتال جو ميڊيڪو ليگل آفيسر ڪورونا وائرس وگهي حياتي وڃائي ويٺو. پي ايم اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سول اسپتال  ڪراچي جو ايم ايل او ڊاڪٽر نثار علي شاهه گذريل هڪ هفتي کان وينٽي ليٽر تي هو جيڪو هاڻ فوت ٿي ويو آهي.

پي ايم اي موجب سنڌ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويل ڊاڪٽرن جو انگ هاڻ 72 ٿي ويو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر ۽ ڊيلٽا ويرينيٽ جي پکيڙ سبب وڏي انگ ۾ ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف به متاثر ٿيو آهي.

جڏهن ته ڪراچي ۾ وائرس جي هاڪاري ڪيسز جي شرح لاڳيتو 20 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ ٿي رهي آهي.