news
جيڪب آباد

اعجاز حسين جکراڻي جي گھر تي نيب ڇاپي واري معاملي ۾ اسان جو ڪوبه هٿ ناهي: مولا بخش سومرو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) پاکستان تحريڪ انصاف يوٿ پاڪستان جي صدر مولا بخش سومرو، وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي گھر تي نيب ڇاپي واري معاملي ۾ اسان جو ڪوبه هٿ ناهي، نيب پاڻ آزاد ۽ ھڪ خودمختيار ادارو آهي، نيب ڪنهن جو غلام ادارو ناهي، نيب ٽيم جي ڇاپي بعد وفاقي وزير محمد ميان سومرو کي ۽ خاندان کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون وڊيو ۾ ڌمڪيون ڏيندڙ جکراڻي برادري سان تعلق رکن ٿا، جن مان ٻن ڄڻن کي سزا موت جي سزا مليل آهي پر ايس ايس پي خاموش تماشائي بڻيل رھيو. ان واقعي جو جاچ ناهي ڪرايو ويو نه ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

ھن وڌيڪ چيو ته جيڪب آباد جو ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ ۽ ڊي سي ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال پيپلزپارٽي ۽ جکراڻي خاندان جا غلام بڻجي ويا آهن، جيڪب آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي حددخلين خلاف آپريشن جي حڪم بعد صرف غريبن جا اجها ڊاھي پٽ ڪيا ويا، بااثرن جي خلاف ڪارروائي ناهي ٿي، اڳوڻي ايم اين اي مير بابل جکراڻي جو ڪوئيٽا روڊ تي سرڪاري ايراضي تي پيٽرول پمپ اڏيل آهي، اھا پراپرٽي ضلعي انتظاميا کي نظر نه ٿي اچي ٻين ھنڌن تي به بااثرن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي.

ھن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي جي نااهلي سبب شهر ۾ ڏوهن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، منشيات، هٿيارن جي نمائش سميت سڀ غيرقانوني ڪم سرعام ٿي رهيا آهن، شھر ۾ قبضا مافيا سرگرم آهن، ٽرانسپورٽ تي ھڪ مافيا جو قبضو آهي، شھر ۾ ٽي اڏا آھن، ان تي جکراڻي برادري جو قبضو آهي، داداگيري ڪري ماڻهن کي گاڏيون بيهارڻ کان روڪيو ويندو آهي، جڏهن ته شھر جي مختلف ٽرانسپورٽر پاران نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون هلايون پيون وڃن پر ڪسٽم، اينٽي نارڪو ٽيڪس سميت پوليس انتظاميا جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي.

ھن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي جي ملڪيتن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي منشيات جي به ٽيسٽ ڪرائي وڃي، لڳي ٿو ته هو پاڻ به منشيات واپرائيندو آهي، ان ڪري منشياٿ فروشن خلاف ڪارروائي نه ڪئي پئي وڃي.

ھن چيو ته پوليس ذريعي پي ٽي آءِ جي ووٽرن کي ھيسايو وڃي ٿو، انھن کي پوليس گرفتار چرس سميت منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي ٻه مھينا اڳ پي ٽي آءِ جي سپورٽرن جکراڻي برادري جي ٻن نوجوانن کي وچ شھر ۾ فل فراءِ ڪيو ويو. ان واقعي جو ڪنهن به اداري جاچ ناهي ڪيو.

ھن وزيراعظم پاڪستان، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان اپيل ڪيو ته جيڪب آباد جي عوام کي ڏوھارين، منشيات فروشن ۽ قبضا مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، جيئن جيڪب آباد واسي پرامن زندگي گذاري سگهن.