news
نٸون ديرو

نئون ديرو لڳ ڳوٺ مٺو کهڙو ۾ خوني تڪرار، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، پيرسن امڙ زخمي

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو لڳ ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ مٺو کهڙو ۾ ڀٽا کهڙا خوني تڪرار تان 10 کان وڌيڪ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 60 ورهين جي شعبان عرف موٽيل کهڙو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته مقتول جي پيرسن امڙ مائي شريفان گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پئي.

جڏهن ته اهڙي اطلاع تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس پهچي ڳوٺ مٺو کهڙو پهچي مقتول جو لاش نئون ديرو اسپتال کڻائي آئي، جڏهن ته زخمي پيرسن عورت کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي نيو ويو، جتي زخمي پيرسن عورت جي حالت پڻ نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي.

مقتول جي لاش جو نئون ديرو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

مقتول جي پٽ عمران کهڙو صحافين کي ٻڌايو ته اسان گهر ۾ ننڊ ستل هئاسين ته ڀٽا، کهڙا تڪرار تان 10 کان وڌيڪ هٿياربندن رات جو ڏيڍ وڳي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ سبب گهر ۾ ننڊ ستل منهنجو والد شعبان عرف موٽيل کهڙو گوليون لڳڻ ڪري ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته پيرسن ڏاڏي شريفان خاتون پڻ شديد زخمي ٿي آهي.

ٻئي پاسي مقتول شعبان عرف موٽيل کهڙو کي ڳوٺ مٺو کهڙو ۾ هٿيارن جي ڇانو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ڌرين وچ ۾ تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي. ڌرين وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچابند ٿي ويا آهن.

واضع رهي ته گذريل 9 سالن کان 3200 ايڪڙ ڪچي جي زمين جي مالڪيءَ تان مرحوم سردار ممتاز ڀٽو ۽ سردار اسد کهڙو جي ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 23 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن، جنهن ۾ ڀٽن جي ڌر جا 10 ڄڻا ۽ کهڙن جي ڌر جا 13 ڄڻا شامل آهن.