news
نٸون ديرو

نئون ديرو ۾ محرم الحرام ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڊي ايس پي غلام مرتضيٰ ميراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو ۾ محرم الحرام جي مهيني ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ميونسپل ڪاميٽي، ڊي ايس پي غلام مرتضيٰ ميراڻي ۽ سي ايم او حافظ مشتاق ڪوريجو جي صدارت ۾ اجلاس ٿي گذريو.

جنهن ۾ تحريڪ نفاذ فقه جعفريه جي ممتاز سيٺار، لالا روشن انصاري، واحد بخش ٿهيم، مرڪز ولايت علي عليه السلام جي مداح حسين قاضي، در محمد ميراڻي سميت امام بارگاهن جي متولين شاهد ويراڳي، اظهر شاهه، عاشق منگي سميت جي يو آءِ جي عبدالقدوس پنهور، عبدالسلام ڌاريجو، خالد ڪوريجو، جماعت اصلاح المسلمين جي اسد ڀٽو، اهلسنت جماعت جي حافظ برڪت ڪرٽيو سميت شهري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين غلام حيدر ناريجو، واپاري اڳواڻ عبدالخالق ڀٽو، صرافه يونين جي ڀاڳچند، سيپڪو ايس ڊي او سجاد حسين ميمڻ، سئي گئس آفيس انچارج يوسف سهتو، شهري امتياز کهڙو سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ محرم الحرام جي 10 ڏينهن امن، ڀائيچاري ۽ رواداري سان هلڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهري اڳواڻ غلام حيدر ناريجو چيو ته مذهبي جماعتن ۾ رواداري قائم ڪرڻ لاءِ خاص اپاءَ ورتا وڃن ۽ رڳو خانا پوري نه ڪئي وڃي.

عبدالسلام ڌاريجو چيو ته محرم الحرام جي 10 ڏينهن ۾ جيڪي شرط شرائط سرڪار طرفان رکيا ويا آهن، اسان انهن جو احترام ڪريون ٿا. کهڙا مسجد واري گهٽيءَ ۾ گهرن جي آڏو هر سال مسئلو پيدا ٿئي ٿو، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.

حافظ برڪت ڪرٽيو چيو ته شهر ۾ لڳندڙ سبيلن تي لائوڊ اسپيڪرن تي اشتعال انگيز تقريرون هلائي اصحابه اڪرام جي توهين ڪئي پئي وڃي. جيڪا قانون جي خلاف ورزي آهي، ان تي نظر ثاني ڪئي وڃي. عيد گاهه ۾ تقريبون جلسا چوديواري جي اندر ٿيندا آهن ۽ عيد گاهه جا گيٽ ۽ رستا بند نه ڪيا وڃن، جنهن تي غور ويچار ڪري تنظيمن کي پابند بڻايو وڃي.

عبدالقدوس پنهور چيو ته نئون ديرو جي صورتحال پرامن رهي آهي ۽ ڪوشش ڪنداسين ته پرامن طريقي سان 10 ڏينهن گذري وڃن ۽ ضابطا اخلاق جو خاص خيال رکيو وڃي.

لالا روشن انصاري چيو ته هي شهر اسان جو آهي ته ان جا فيصلا به اسان کي ئي ڪرڻ گهرجن ته بهتر آهي. ماتمي جلوسن جا روٽ قديم آهن. آبادي وڌي آهي، جنهن ڪري ماتمي جلوسن ۾ شريڪ ٿيندڙ عزادارن ۾ به اضافو ٿيو آهي. ڪئمپ تي اسپيڪر تي اعتراض ته ٺيڪ آهي پر سبيلون لڳائڻ تي اعتراض نه هجڻ گهرجي. سبيلون لڳائيندڙ سڀئي اهل تشيع جا ناهن هوندا. لائوڊ اسپيڪر واري مسئلي تي ڪم ڪري سگهجي ٿو. عيد گاهه جي جلسي کي ڊسٽرب نه ڪرڻ ضابطا اخلاق جوڙيو ويندو.

ان موقعي تي ممتاز سيٺار، واحد بخش ٿهيم، مداح قاضي، اسد ڀٽو ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ پيش ڪئي.

اجلاس ۾ ڊي ايس پي نئون ديرو ۽ سي ايم او گڏيل صلاح مشوري سان 11 رڪني امن ڪاميٽي جو اعلان ڪيو جيڪي گڏيل صلاح مشوري سان محرم الحرام جي موقعي تي امن امان جي صورتحال ۽ ضابطا اخلاق جو لائحه عمل جوڙيندا.