news
ڏوڪري

ڏوڪري: گورنمنيٽ هاءِ اسڪول باڊهه جي ريٽائرڊ ٿيل هيڊ ماستر ڌڻي بخش بروهي ۽ نئين هيڊ ماستر انور عسڪري جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) تعلقي ڏوڪري جي وڏي شهر جي گورنمنيٽ بوائز هاءِ اسڪول باڊهه جو هيڊ ماستر ڌڻي بخش بروهي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ بعد ريٽائرڊ ٿي ويو، جنهن بعد نئين هيڊ ماستر انور عسڪري مقرر ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ ڪالھ اسڪول جي استادن ۽ ٻي اسٽاف پاران ٻنهي جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن جي صدارت گسٽا ضلعي لاڙڪاڻو جي جنرل سيڪريٽري مظهر حسين سومرو هو.

جڏهن ته آجياڻو ۾ سينئر استاد سائين سيد محرم علي شاهه، طفيل احمد سوهو، اصغر علي گوپانگ، مختيار ڦلپوٽو، گل محمد لاکو، خالد حسين جوڻيجو، رحمان سومرو، محمد بخشل بليدي، غلام حيدر بروهي، سعيد ٻگهيو، غلام سرور، عبدالغفار مشوري، عبدالغفور بروھي، ولي محمد بروهي، عمران ٻگهيو، عجيب الرحمان ٻگهيو، محمد حسين علي گوپانگ، قربان علي نوناري، امجد علي چنه، مشتاق علي چنه، محمد مٺل ڍڪن، علي محمد هيسباڻي، عبدالجبار سومرو اعجار علي ساريو، محمد حسن جھتيال، اختر حسين ڀٽي، عبدالعزيز ڪانڌڙو ۽ حمزه علي منگي شامل آهن.

ان موقعي تي آجياڻو ڏيندي گسٽا ضلعي لاڙڪاڻو جي جنرل سيڪريٽري مظهر علي سومرو چيو آهي ته سائين ڌڻي بخش بروهي باڊهه اسڪول ۾ هيڊ ماستر رهي پڙهائي جي عمل کي بهتر کان بهتر ڪري اسڪول کي سٺن اسڪولن جي لسٽ ۾ بيهاريو ريٽائرڊ هر سرڪاري ملازم کي ٿيڻو آهي، ڪو ي ڪي ڪردار ياد رکيا ويندا آهن، انهن مان سائين ڌڻي بخش بروهي به حق آهي.

ان موقعي تي هن چيو ته نئين هيڊ ماستر انور عسڪري چيو آهي ته مون کي هيڊ ماستر ڪرڻ ۾ اوهان ڀائرن جو ساٿ آهي، اڃا وڌيڪ اسڪول کي مثالي اسڪول بنائنداسين.

هن چيو ته سائين ڌڻي بخش بروهي هڪ بهترين علم جو خزانو رکندڙ استاد هيو اسان به اسڪول کي بهتر کان بهتر بنائنداسين.

ان موقعي تي ريٽائرڊ ٿيل هيڊ ماستر سائين ڌڻي بخش بروهي چيو آهي ته باڊهه اسڪول جي سموري استاد برادري جو شڪر گذار آهيان، جنهن منهجو ساٿ ڏنو ۽ باڊهه اسڪول کي اسڪول ڪري هلايوسين ۽ اڄ اسڪول بهترين اسڪولن ۾ آهي. هن چيو ته هر شي ساٿ سان ٿيندي آهي ۽ مان نهايت شڪر گذار آهيان، پوري اسڪول جي اسٽاف جو جن مان ڏنو.