جيڪب آباد ۾ نيب ٽيم تي حملي ڪيس ۾ چوڏهن جوابدارن جي ضمانت رد

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت ۾ نيب حملي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي سؤٽ ولي جکراڻي، جاويد مينگل، ديدار جکراڻي، سجاد مستوئي، ارسلان لاشاري ۽ عابد ڀٽي، جڏهن ته ڪچي ضمانت تي آزاد ٿيل چئن جوابدارن جھانگير کوسو، خادم ڀٽو، انور ميمڻ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ۾ نيب حملي ڪيس جي جوابدارن جي وڪيل مظفر حسين رند عدالت آڏو دليل ڏنا ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جج پاران وڪيل کي رمارڪس ڏنا ويا ته سڀئي جوابدار نيب حملي ڪيس ۾ ملوث آهن، جوابدار نيب حملي واري فوٽيج ۾ نظر اچي رهيا آهن، جنهن بعد عدالت 14 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

جڏهن ته ڪچي ضمانت تي آزاد ٿيل مک جوابدار خادم ڀٽو، جھانگير کوسو، انور ميمڻ سميت چارئي جوابدار عدالت ۾ موجود ھئا پر پوليس کي اھو چئي فرار ٿي ويا ته ڪيس جي ٻڌڻي جي نئين تاريخ ملي آهي. جڏهن ته پوليس اهلڪار جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ڏسندا رهيا.

ھوڏانھن نيب حملي ڪيس ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي، رافع جکراڻي ۽ وسيم احمد جکراڻي روپوش جوابدار ڄاڻايل آهن پر ان باوجود به انھن ضمانت لاءِ درخواست داخل ناهي ڪرائي.

واضح رهي ته 28 جون تي صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي ايجوڪيشن ورڪس ريفارم پروگرام جي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد نيب ٽيم ڇاپو ھنيو ھو، جنھن تي مڇريل ماڻهن نيب ٽيم جي عملدارن کي يرغمال بڻائي مٿان تشدد ڪيو ۽ گاڏين جا شيشا ٽوڙيا ھا جنهن واقعي جو سول لائن ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ٽي ڄاتل جوابدارن وسيم جکراڻي، خادم حسين ڀٽو سميت 250 اڻڄاتل جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن بعد پوليس وڌيڪ جاچ ۾ 14 نالا شامل ڪيا ھئا، جن جي ڪالهه ضمانت واري درخواست رد ٿي وئي.

جڏهن ته فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت 17 جولائي تي صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي سندس پٽ رافع جکراڻي ۽ سؤٽ مجيب جکراڻي جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪيا ھئا، جنهن کانپوءِ صرف مجيب جکراڻي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿي ضمانت ڪرائي ھئي.