news
لاھور

لاهور سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ايڪٽيهه آگسٽ تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

لاهور: (سومر 09 آگسٽ 2021ع) ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز کي نظر ۾ رکندي لاهور سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.

اين سي او سي جي سفارشن تي  لاڪ ڊائون لڳايو ويو. لاڪ ڊائون 31 آگسٽ تائين لاڳو رهندو. پنجاب جي صحت کاتي لاهور راولپنڊي، فيصل آباد سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ سماٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ان شهرن جي سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب شادي هال 8 آگسٽ کان بند ڪيا ويندا. ان ڊور ڊائننگ بند ڪري آئوٽ ڊور ڊائننگ شروع ڪئي وئي. سئنيما هالز، مزارون ۽ جمز به بند ڪيا ويا آهن. ڇنڇر ۽ آچر تي سمورا ڪاروباري مرڪز به بند رهندا.

ٻئي طرف  سمارٽ لاڪ ڊائون جي باوجود شهري ايس او پيز تي عمل ڪندي نظر نه پيا اچن. شهرين جو انتهائي گهٽ انگ ماسڪ پائي رهيو آهي. ضلعي انتظاميه طرفان ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف  ڪارروايون به جاري آهن.