شھدادپور ڀرسان تيز رفتار ڊاٽسن موٽرسائيڪل مٿان چڙھي وئي، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ڀرسان تيز رفتار ڊاٽسن موٽر سائيڪل مٿان چڙھي وئي، سِمس اسپتال جو ميڊيڪوليگل آفيسر ڊاڪٽر عزيز قريشي ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت، سندس پيرسن پيءُ حاجي سبحان قريشي سخت زخمي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

شھدادپور شھر جي ٻيراڻي چوڪ تي ڪارو آئل کڻندڙ ڀرسان تيز رفتار ڊاٽسن موٽرسائيڪل مٿان چڙھي وئي، جنهن سبب سِمس اسپتال شھدادپور جو ڊاڪٽر عزيز قريشي چيڀاٽجي ٿڏي تي دم ڏئي ڇڏيو ۽ ساڻس گڏ سندس والد حاجي عبدالسبحان قريشي زخمي ٿي پيو.

جڏهن ته فوتي جي مڙهه ۽ سندس زخمي والد کي سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو، جتان زخمي کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

هوڏانهن پوليس ڊاٽسن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڊرائيور موقعي تان لھي فرار ٿي ويو.